عبدالغفور انصاري

عبدالغفور انصاري

عبدالغفور انصاري

عبدالغفور انصاري: مشهور تعليمدان ۽ ڪهاڻيڪار عبدالغفور ولد عبدالقادر انصاري ٻورڙي ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول دادوءَ مان، مئٽرڪ 1949ع ۾ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، بي. ڪام گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ ايڪانامڪس ڪراچيءَ مان 1953ع ۾، ۽ ايم. ڪام ڪراچيءَ يونيورسٽي مان 1955ع ۾ حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پرنسپال مقرر ٿيو. ڪجهه سالن بعد حيدرآباد ۾ ڪامرس ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو. بعد ۾ بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري، بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. بعد ۾ حيدرآباد ۾ بدلي ٿي آيو. عبدالغفور پنهنجي لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي. سندس شاعري، ڪالم ۽ ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون. دادو اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ‘بزم ادب ’ دادوءَ جو سيڪريٽري رهيو جنهن دوران ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرايائين.
عبدالغفور انصاري ‘هلال پاڪستان’ جي ٻاراڻي صفحي ۾ ‘ٻاراڻي محفل’ جي سري سان ڪالم لکندو هو. هن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو بنياد وڌو ۽ ان شاخ جو پهريون سيڪريٽري مقرر ٿيو. هي ڪامرس ڪاليج پاران نڪرندڙ مخزن جي سنڌي ڀاڱي جو ايڊيٽر پڻ هو. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ‘گورنر جو ڪتو’، ‘رڪشا وارو’، ‘کٻو آڱوٺو’ وغيره نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيون. عبدالغفور انصاريءَ دل جي عارضي سبب 7 نومبر 1974ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو